سنڌ جو پاڻي 35 هزار ڪيوسڪ وڌايو ويو آهي،ارسا

اسلام اباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ارسا جي اڄوڪي ٿيل اجلاس ۾ پاڻي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ارسا ترجمان جي بيان موجب اڄ ڏٺو ويو ته پاڻي جي آمد جيڪا 28 مئي تي 1لک72هزار هزار ڪيوسڪ هئي سا 31 مئي تي وڌي 2لک25 هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي. اهڙي ريت دريائن ۾ پاڻي جي آمد 24 سيڪڙو وڌي وئي آهي، جنهن بعد صوبن جي حصي ۾ واڌ ڪئي آهي. هاڻ پنجاب جو حصو 83 هزار ڪيوسڪ کان وڌائي 1لک1هڪ هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، ان طرح پنجاب جو حصو 18 هزار ڪيوسڪ وڌي ويو آهي. ساڳئي ريت سنڌ جو حصو 74هزار ڪيوسڪ کان وڌي 1لک9هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي، سنڌ جو حصو 35هزار ڪيوسڪ وڌي ويو آهي. ارسا ترجمان موجب پاڻي جي کوٽ 32 سيڪڙو مان گهٽجي 18 سيڪڙو تائين پهتي آهي. اترين علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سان درياهن جو وهڪرو تيزي سان وڌي رهيو آهي. ترجمان صوبن تي زور ڀريو ته هو پاڻيءَ جي استعمال جي طريقن کي جديد بڻائن ته جيئن پاڻي جي زيان کي بچائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو