سنڌ جو عوام چونڊن ۾ ڪرپٽ زرداري ليگ کي رد ڪري: پليجو

حيدرآباد (ن س) قومي تحريڪ جي سربراههه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته اليڪشن ۾ سنڌ جو عوام ڪرپٽ زرداري ليگ کي رد ڪري ڇڏيندو. قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان موجب اياز لطيف چيو آهي ته سنڌ جي ماڻھن کي ڪرپشن، ٻوڏ جي تباهين، وسيلن جي نيلامي، ڌاڙيل راڄ، تعليم، صحت ۽ زراعت جي تباھين جي حساب وٺن جو تاريخ موقعو ملي رهيو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي امير سنڌ کي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو،ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي ۾ پکين جو شڪار بند ڪيو وڃي،سنڌ جي معصوم پکين جي مقتل گاھ نہ بڻايو وڃي. سندس چوڻ هو ته شفاف چونڊون ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگھن ٿيون، پيپلز پارٽي پئسي جي طاقت تي اليڪشن خريد ڪندي آھي ۽ حقيقي عوامي نمائندن کي جعلسازي سان ٻاھر ڪيو وڃي ٿو،ھينئر عوامي طاقت سان اليڪشن چوري ٿيڻ نہ ڏينداسين،اليڪشن ۾ سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا زرداري ليگ کي رد ڪري ڇڏيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو