سنڌ بجٽ ۾ پگهار ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان

ڪراچي/ لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ حڪومت پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال لاءِ بجٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو پنجاب جي اعلانيل اضافي کان وڌيڪ آهي. پنجاب ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي خرچن ۾ ساڍا ٻارنهن سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته پنجاب حڪومت رڳو 3 سيڪڙو خرچ ۾ اضافو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير وفاق پاران سنڌ کي هلندڙ سال مليل رقم جي انگن اکرن کي غلط قرار ڏيندي ٻڌايو آهي ته وفاق کان 11 مهينن ۾ 492 ارب 13 ڪروڙ 50 لک مليا آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته هنن سنڌ کي 631 ارب 54 ڪروڙ 30 لک ڏنا آهن، جيڪا غلط بياني آهي. هن چيو ته اسانکي 665 ارب 8 ڪروڙ 50 لک وفاق کان ملڻا هئا. هن ٻڌايو ته سنڌ جي نئين سال جي بجٽ زيرو خساري واري هوندي. سنڌ حڪومت 1217 آمدن ۽ اوترو کي خرچن جو اندازو لڳايو آهي. نئين سال ۾ وفاق کان خرچ جي مد ۾ 74.3 سيڪڙو رقم ملڻ جو اندازو لڳايو آهي باقي رقم صوبو پاڻ ٽيڪس مان حاصل ڪندو. سنڌ ۾ امن امان لاءِ 109 ارب رکيا ويا آهن.  هوڏانهن پنجاب سرڪار 23 ارب جي بجٽ پيش ڪئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 مقرر ڪئي آهي، زراعت ۽ پراپرٽي تي ٽيڪس وڌايو آهي. پنجاب جي وزيرخزانه مخدوم هاشم جوان ٻڌايو ته وزيرن رضاڪارانه طور 10 سيڪڙو پگهارن ۾ ڪٽوتي جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو