ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ الڳ الڳ واقعا پيش اچڻ سبب 7 ڄڻا فوت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. راڻيپور مان نديم شيخ مطابق قومي شاهراهه ٽول پلازه وٽ تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سيوهڻ شريف کان زيارت ڪري واپس ايندڙ گهوٽڪي واسي مسمات بخت خاتون چاچڙ ۽ سندس اڍائي سالن جو پٽ الله بخش چاچڙ چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته الهه بچايو چاچڙ زخمي ٿي پيو اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو راڻيپور پوليس ٽرالر ڊرائيور کي ٽرالر سميت پنهنجي تحويل ۾وٺي ڇڏيو آهي. اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.*** اوٻاڙو مان غلام علي رند مطابق گڊو لنڪ روڊ تي سي پيڪ گڊو انٽر چيئنج وٽ ڪڪڙين سان ڀريل مزدا تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جن جي سڃاڻپ ڪنڌ ڪوٽ واسي ثناءُ الله کوسو ۽ پرويز سبزوئي ڪئي وئي آهي. کنڀڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال آندا جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي طرف ڳوٺ مريد شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو۔لٺيون لڳڻ ڪري شاھ ڏنو شر زخمي ٿي پيو اطلاع تي پوليس موقعي تي پهچي جهيڙي تي ضابطو آڻي زخمي کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪري ڇڏي. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق ڳوٺ سھراب جو ٿلھو يوسي گوزو جو رھواسي 16 سالا نوجوان ھاري طارق پٽ عبدالحڪيم کوسو نانگ جو ڏنگ لڳڻ سبب سول اسپتال دادو ۾ فوت وارثن ۽ اسپتال عملي وچ ۾ منھن ماري وارثن جو اسپتال عملي جي لاپرواهي خلاف احتجاج.

فوتي جي پئُ عبدالحڪيم دانهيندي چيو ته ڪالهه شام کان منهنجو پٽ سول اسپتال دادو ۾ داخل ھيو پر ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب منهنجو معصوم ٻچڙو فوت ٿي ويو آهي، اسپتال عملي منھنجو پٽ ماري مون کي رليز ليٽر جاري ڪيو آهي جيڪو مونک ي قبول ناهي جنھن تي اسپتال عملي ۽ وارثن ۾ منھن ماري ٿي پئي جتي پوليس پھچي صورتحال کي قابو ڪري ورتو. *** پڊعيدن مان مجاهد شر مطابق يوسي ڀانڀري جي پ پ چيئرمين يوسف راڄپر جو پيءُ ڊاڪٽر ڪامل راڄپر جو ڀاءُ بلاول خان راڄپر وفات ڪري ويو مرحوم جي جنازي نماز ۾ درگاه جمن شاه جي گادي نشين پير رڪن الدين هاشمي قريشي ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو سميت سوين شهرين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي ٻئي پاسي مرحوم کي سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. *** پير جوڳوٺ مان سيف الله مڱڻيجو مطابق ف ليگ اڳواڻ نديم حيدر چنه ۽ ٽي اي او في ميل ڪنگري آپا حضوران چنه جي والده لاڏاڻو ڪري وئي آهي جنهن جي جنازي نماز درگاهه روضي ڌڻي جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ف ليگ اڳواڻن، ڪارڪنن، استادن، شاگردن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي کيس پيرڳوٺ جي ماڪن مقام قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف وڏا ماڇيون لڳ ڳوٺ گاگڙي ۾ ڊينگي وائرس ۾ مبتلا 17 ورهين جي ظاهره ڌيءَ طالب حسين سولنگي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي. سندس لاش گھر پهچڻ تي ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. *** لکي غلام شاهه مان نثار منگي مطابق محمد باغ ۾ صحافي آصف علي سومرو جي دڪان تان غلام حسين سومرو پٽ حاتن سومرو پاران ايزي لوڊ ڪرايو صحافي پاران پئسا گهرڻ تي جواب ڏنو جنهن تان منهن ماري ٿي پئي غلام حسين سومرو دڪان تان لهي سجاد سومرو پٽ حاجي سومرو ،غلام حسين سومرو پٽ حاتن سومرو سندس جي ننڍي ڀاء سميت 5 ڏنڊا بردارن کي ساڻ ڪري صحافيءَ جي دڪان تي ڪاهه ڪري لٺين مڪن ۽ لتن جو وسڪارو ڪري ڏنو جنهن سبب دڪان ۾ پيل اوپو موبائل ٽچ ۽ ايڇ بي ايل بئنڪ جي ڪنيڪٽ جي ڊوائز پڻ ٽڪرا ٿي وئي بعد ۾ صحافي محمداباغ ٿاڻي تي پهچي ڄاڻايل جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ۽ لکي غلام شاهہ اسپتال مان علاج ڪرايو. *** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق نشي ۾ ڌت نوجوان نانڪرام ڪولھي ڏينهن ڏٺي جو ميھار پاڙھو جي گھر ۾ گھڙي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ميھار جو سئوٽ اصغر پاڙھو وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته نانڪ ڪولھي نشي ۾ ڌت ھو جيڪو پلاسٽڪ جي تار کڻي گھر اندر گھڙي آيو گھر ۾ عورتن کان سواءِ اسان کي نه ڏسي ھن عورتن تي تشدد ڪيو. اسان کي خبر پوڻ تي گھر پھچي نانڪ ڪولھي کي ڌڪ ھڻي ڪيرائي ٻڌي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس اچي ھن کي کڻي وئي آهي. جڏهن ته نانڪ ڪولھي جي تشدد ۾ مبارڪ، اڪبر پاڙھو، اصغر، علي بخش، الھبچائي، شبانا زخمي ٿي پيا آھن.










