سنڌ اندر مختلف واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت، 18 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ الڳ الڳ واقعا پيش اچڻ ڪري 6 ڄڻا فوت، 17 زخمي ٿي چڪا آهن جنهن کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فوتين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر مطابق شهر جي عثمان آباد پاڙي جو رهواسي 22 سالا نوجوان هرجي مل ولد گرداري مل ٽريڪٽر ٽرالي تان مزدوري ڪرڻ دوران هلندڙ ٽريڪٽر تان اوچتو هيٺ ڪري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. اطلاع تي وارثن پهچي  لاش کڻائي اسپتال آندو جتان گهر نيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق آمري ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ ۾ وهنجڻ دوران وڏي پاڻي ۾ وڃڻ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو عمر ڪوٽ واسي جمع خان جوڳي ٻڏي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي مقامي ٽوٻن ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ ٻاهر ڪڍي وارثن حوالي ڪيوجتي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

فوتي نوجوان لاڏائو خاندان جو ڀاتي هو جيڪو مختلف هنڌن تي مرليون وڄائي گذر سفر ڪندو هو جنهن جي وارثن آمري هيلٿ سينٽر انتظاميا کان ايمبولنس گهري پر کين خراب هئڻ جو جواز ڄاڻائي واپس ڪيو ويو جنهن بعد وڏي رقم ڀري نجي تنظيم جي ايمبولنس ذريعي لاش کي عمر ڪوٽ کڻائي ويا. *** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق تنگواڻي شبيرآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ وشو جعفري ۾ زمين جي معاملي تي جعفري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن دوران ڌرين وچ ۾ لٺين ۽ ڪھاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو جنھنجي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 9 ڄڻازخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي شبيرآباد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي فوري طور تنگواڻي اسپتال علاج لاءِ نيو ويو. زخمين ۾رستم جعفري، سرور، محمد يعقوب، ڌڻي بخش، مسمادو گرو ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته اسپتال انتظاميه 3 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ڏانهن ريفر ڪري ڇڏيو آهي. *** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق شاهپور درپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ صاحب خان منگواڻو ۾ 55 سالا ڳوٺاڻي گلشير منگواڻو پنهنجو پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو شاهپور پوليس فوتي جي لاش کي مٽياري تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو پئي ويو. شاهپور درپور پوليس موجب ڳوٺاڻي پنهنجو پاڻ تي بندوق جو فائر ڪيو کيس اسپتال نيو پئي ويو پر رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيائين. *** ميرپور ماٿيلو مان ظهير وسير مطابق مگسي ڳوٺ جي رھواسڻ 38 ورھين جي شادي شدہ عورت مسمات ناجيه زال عبدالمجيد نائچ پراسرا نموني فوت ٿي ويئي آھي. اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس پھچي عورت جو لاش ھٿ ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته سندس گھرڀاتين جو چوڻ آھي ته ھن  خودڪشي ڪئي آھي علائقي ۾ چئو ٻول آھن ته عورت کي پنھنجي مڙس گھٽو ڏيئي قتل ڪيو آھي ميرپورماٿيلو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت جي اکين ھيٺان ڪارا نشان ھئا ڳلي تي به نشان ھئا وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ تي خبر پوندي. *** نارو مان ساجد علي سهتو مطابق تجل واري علائقي کينهواري ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد علي آرادين ۾ رات دير سان اڻڄاتل هٿياربندن پورهيت جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي جنهن سبب هڪ پيرسن ننگر خان مري زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن طرفان نوابشاھ اسپتال داخل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. کينهواري  پوليس طرفان لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چونڊڪو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ پورهيت جي ڀائيٽن مير گل مري، احمد نواز مري احتجاج ڪندي چيو ته اسان پنهنجي گهر ۾ ستل هئاسين ته اوچتو نامعلوم هٿياربند ڪار ۾ سوار ٿي اسان جي گهر ۾ گهڙي اسان جي چاچي ننگر خان مري کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته اسان پنهنجي چاچي ننگر خان مري کي نوابشاھ اسپتال کڻي وياسين جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اسان کي شڪ آهي ته عطر مري، ربنواز مري ۽ لعل محمد مري اسان جي چاچي کي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين ڪيس ۾ پوليس طرفان ڪابه اڳڀرائي نه ٿي نه ئي واقعي جو ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق ڳوٺ گھرام خان گوپانگ لڳ پوليس ھيڊ ڪواٽر جي آمھون سامھون گھرو پريشانين کان تنگ اچي 20 سالا نوجوان دلبر علي پٽ عاشق علي گوپانگ پنھنجي لوندڙي مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي وارث فوري طور نازڪ حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي زخمي جي حالت نازڪ ٿيڻ سبب سندس کي فوري طور نوابشاھ ريفر ڪيو ته رستي زخمي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو. *** بخشاپور مان سهيل جان ڊومڪي مطابق بخشاپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي رولو ڪتن وڌيڪ پنج ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.

پي پي ايڇ آءِ ڊسپينسرين ۾ ويڪسين نه هئڻ سبب متاثر پريشان ٿيڻ لڳا ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين کي بخشاپور جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج ۽ ويڪسين ڪئي وئي. محمد صلاح جعفر، علي سيف الدين، آمنه مهراب ۽ عبدالرشيد شامل آهن. ڪتي ڏاڙهيل زخمين جو 15 ڏينهن اندر انگ وڌي 95  ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو