سنڌ اندر مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت، 14 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ سبب 4 فوت ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سيوهڻ مان رميز علي سولنگي مطابق انڊس ھاءِ وي باءِ پاس روڊ  تي تيز رفتار نا معلوم ڪار جي ٽڪر ۾ معصوم نينگر الطاف سولنگي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڪار سوار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. *** فيض گنج وسيم سولنگي موجب اڪري چودڳي لڳ پيروسڻ ٿاڻي جي حد ۾  ڳوٺ غازي خان قنمبراڻي ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو گوليون  لڳڻ سبب 40 سالا نظام الدين قنمبراني قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻئي ڌريون ڪافي وقت کان مورچا بند رهنديون هيون ۽ اڪثر فائرنگ ڪنديون هيو اڄ ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نظام الدين قنمبراني قتل ٿي ويو. *** ٿرڙي محبت مان صدام حسين چانڊيو موجب ٿرڙي محبت جو نوجوان سيپڪو اسسٽنٽ لائين مين راڌڻ خانزاده پاڙي ۾ ڪم دوران پيرترڪڻ سبب هيٺ ڪري زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي وڃڻ واري واقعي بعد مرحوم جي جنازا نمازسوين آلي اکين سان ڳوٺ ڪنڊيور ۾ آخري رسون ادا ڪيو ويون جنهن جي جنازي نماز ۾سيپڪو چيف سعيد احمد ڏاوڇ ۽سيپڪو هيڊرو يونين جي اڳواڻن سميت برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. *** شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي  بروهي مطابق ڳوٺ علي بخش چانڊيو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي حملن ۾ ستن معصوم ٻارڙن کي زخمي ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا تي هلڻ جو  پ پ جي ايم پي اي سيد اعجاز شاه بخاري نوٽيس وٺندي ڊي سي ياسر ڀٽي کي فوري طور رپورٽ پيش ڪرڻ  رولو ۽ ڇتن ڪتن خلاف ڪاروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. *** وارھ مان طالب حسين چانڊيو موجب يوسي لعلورائنڪ جي گورنمينٽ بوائز مين پرائمري اسڪول جي پهرين ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پيا جنهن سبب 5 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا آھن اسڪول جي هيڊ ماستر علي نواز سوڍر، غلام  ياسين، عبدالغفور،رجب پتوجو، ۽ آفتاب ٻوهيو صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته قمبر شھدادڪوٽ ايجوڪيشن انتظاميه کي ڪافي ڀيرا بلڊنگ جي زبون حال ٿيڻ جو اطلاع پڻ ڏنو آھي ان باوجود به بلڊنگ جي ڇت جي مرمت نه ڪرائي ڪئي وئي آھي ڇت جي زبون حال سبب واقعو پيش آيو آھي.

*** خانپور مان زبير گل مطابق ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڊرگھپور م ھٿياربندن گولي ھڻي شمن پٽ گلشير بڊاڻي کي زخمي ڪري وڌو جنھن کي وارث سول اسپتال شڪارپور کڻي ويا،  رابطو ڪرڻ تي ناپر ڪوٽ پوليس ٻڌايو ته ڪچي ۾  شمن بڊاڻي جتوئي کي ھٿياربندن گولي ھڻي زخمي ڪري وڌو جنھن کي ليٽر ڏئي اسپتال علاج جي لاءِ اماڻيو آھي مامري جي جاچ ڪيون پيا. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو سولنگي ۾ گذريل ڏينھن موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 6 سالا معصوم نينگر غلام مرتضلي سولنگي نواب شاھ جي سرڪاري اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو نينگر جو مڙه نجي ايمبولينس ذريعي  ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو سولنگي گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو هر طرف روڄ راڙو پئجي ويو جنازي جي نماز بعد نينگر کي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

*** پيرجوڳوٺ مان صفي الله منڱڻيجو مطابق پريالوءِ لڳ ڳوٺ نهال خان بلوچ ٻاهران تيز رفتار موٽرسائيڪل ٽريڪٽر ٽراليءَ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 40 ورهين جو هيبت پٽ استاد نياز بلوچ موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته اطلاع تي پريالوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي ڳاڙهي موري اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو