سنڌ اسپورٽس جي سهڪار سان ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ منعقد

سکر(امداد علي ڪلوڙ) سنڌ اسپورٽس بورڊ جي سهڪار سان سکر جي  بس ٽرمينل ڳوٺ جعفرآباد  لڳ درگاه سخي پير هوشياروجي چئن ڏينهن واري ميلي جي موقعي تي 20 نومبر کان 23 نومبر چئن ڏينهن جو ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ايسوسيئيشن طرفان ڪرايو ويو فائنل مقابلو لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ٽيمن وچم ٿيو. برسات شروع ٿيڻ سبب ٽن پوائنٽن تي ميچ جو فيصلو ڪيو ويو لاڙڪاڻي جي ٽيم 3 پوائنٽون حاصل ڪري فائنل ميچ کٽي ورتو رانديگرن ۾ روڪ رقم ۽ ٽرافيون ورهائيون ويون.

انعام ورهائڻ واري تقريب جو مک مهمان اڳوڻو ايم پي اي سکر  حاجي انور خان مهر، ڊاڪٽر اقبال مهر هئا. سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر علي حسن شيخ، جنرل سيڪريٽري محمد پناهه مهر، جهونو رانديگر علي  ڏنو پٺاڻ، بادشاهه مهر، علي مردان شيخ آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي ڊاڪٽر اقبال جو چوڻ هو ته ڪوڏي ڪوڏي سنڌ جي قديمي ثقافتي راند آھي سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ايسوسيئيشن اڳواڻن کي جس آھي جن ثقافتي راند کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. علي حسن شيخ ۽ محمد پناه مهر جو چوڻ ھو ته سيڪريٽري سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪوڏي ڪوڏي راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي سنڌ ۾ ڪوڏي ڪوڏي راندين جا ٽورنامينٽ  ڪرائي رهيون آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو