سنڌ اسمبلي جو اپوزيشن ليڊر حليم عادل گرفتار

سنڌ اسمبلي جو اپوزيشن ليڊر حليم عادل گرفتار

ملير (ن سنڌيار) ملير ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ گرفتار، ايس ايس پير ملير عرفان بهادر حليم عادل شيخ کي باضابطا طور گرفتار ڪرڻ جِي تصديق ڪري ڇڏي، ايس ايس پي ملير چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جَي حڪم تي حليم عادل شيخ کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو، حليم عادل شيخ مٿان هنگامي ۽ فائرنگ سميت مختلف الزام آهن،  اليڪشن ڪميشن جي چونڊن ضابطن جِي ڀڃڪڙي وارين شڪايتن تي حليم عادل شيخ کي تڪ نيڪالي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، حليم عادل طرفان تڪ خالي ڪرڻ کان انڪار تي ايس ايس پي ملير کيس حراست ۾ ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو