ٻوڏ جي امدادي سامان جي خريداري ۾ ڪرپشن جو انڪشاف

ٻوڏ جي امدادي سامان جي خريداري ۾ ڪرپشن جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان جي خريداري ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.آڊيٽر جنرل آف پاڪستان 25 ارب رپين جي آڊٽ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪيل آڊٽ رپورٽ موجب متاثرن جي نالي تي راشن جا ٿيلها ۽ ٻيو سامان مهانگي اگهه تي خريد ڪيو ويو. آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي ڪڍڻ لاءِ جيترين مشينن جو بلن ۾ ذڪر آهي اوتريون ضلعن ۾ نه پهتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو