ڪراچي (نمائندن وٽان) اچو ته گڏجي نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ سنڌ جي سنڌ سان ملاقات شروع ٿي وئي،ڪنڌڪوٽ، نوابشاهه، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ثقافتي ويس وڳا اوڍيل ماڻهن طرفان ريليون ڪيون ويون آهن، ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا رنگ جرڪي پيا،ميهڙ ۾ به سنڌ سان ملاقات لاءِ ماڻهو ٻيٽو چوڪ کان ريلي جي صورت ۾ گهنٽا گهر چوڪ لاءِ نڪري پيا،نوابشاهه، ميرپور ساڪرو، ڏهرڪي، نئون ڪوٽ، ميرپور ماٿيلو، واهي پانڌي، ڇاڇرو، قمبر، وارهه، ڍورو نارو ۽ ٻين شهرن ۾ به ايڪتا جا رنگ جرڪي پيا، باڊهه، ڀٽ شاهه، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ به سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري ماڻهو رستن تي نڪري آيا، سنڌي گيتن تي جهمريون، بدين ۾ اجرڪ جو 40 فوٽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، ايڪتا ڏهاڙي جي خوشي ۾ مٺايون به ورهايون ويون سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ ايڪتا عيد جون تياريون مڪمل، اڄ ڌرتي ڌڻي جوش ۽ جذبي سان قومي عيد ملهائيندا، شهباز پل وٽ قائم خانگي اسڪول ڪائونٽي ڪيمريج، قاسم آباد جي گل عرساڻي اسڪول ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول صحافي ڪالوني ۾ ايڪتا جون ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون،تقريب ۾ ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين شاندار ٽيبلوز پيش ڪري پاڻ ملهايو جڏهن ته تقريبن دوران ثقافتي شين جا اسٽال به لڳايا ويا. ڪائونٽي ڪيمريج اسڪول ۾ منعقد ايڪتا تقريب دوران غير رسمي شادي جي تقريب به منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڇوڪرين پرفارمز ڪيو. اهڙي ريت اسڪول ۾ ثقافتي ڳوٺ ۽ ثقافتي اوطاق قائم ڪري نج ٻهراڙي جي ڪلچر جو نماءُ ڪيو ويو تقريب ۾ ڀرت ڀريل ڪپڙا، رَليون، چنريون، گج، ٽوپيون، اجرڪون ۽ ٻيون شيون به نمائش لاءِ رکيون ويون هيون. اسڪولن ۾ ٿيل تقريبن دوران شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ڪيو جڏهن ته سنڌ جو جمالو تي استاد ۽ ماسترياڻيون به جهمريون هڻندا رهيا. تقريبن بابت استاد ۽ ماسترياڻين چيو ته سنڌ جي شاهوڪار ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انهن تقريبون منعقد ڪيون، جنهن ۾ شاگرد اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري شريڪ ٿيا آهن










