شاهپور چاڪر (پ ر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان لطيف جون سورميون، سورما ۽ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي ڪانفرنس جي عنوان سان ڳوٺ عمر آباد شاهپور چاڪر ۾ عوامي جلسي عام ڪيو ويو.عوامي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون شرڪت ڪئي،سنڌياڻي تحريڪ پاران ثقافتي گيتن تي ٽيبلو پيش ڪيا ويا.جلسي ۾ لطيف سائين جي درگاھ جي فقير منٺار ۽ سورمين لطيف جي وائي پيش ڪئي. پروگرام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حور النسا پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊوڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ستار رند، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سڀاني ڏاهري، شمشاد لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ صدر راڻو ڪنڍاڻي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، شاهين خاصخيلي، مريم انڙ، دائود ڏاهري، سرمد راڄپر، عقيل ماڪوڙاڻي، عطا ﷲ انڙ، خطاب ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته رسول بخش پليجي صاحب سنڌ اندر قومي طبقاتي ۽ جمھوري جدوجھد ۾ علم ادب فن ۽ آرٽ کي متعارف ڪرايو. پليجي صاحب علم ادب ۽ فن وسيلي ڌرتي جي خوشحالي لاءِ جدوجھد جا نوان گس ڏنا. رسول بخش پليجي صاحب لطيف سائين جي عوام دوست انقلابي شاعري کي دنيا جي وڏن شاعرن جي صف ۾ شامل ڪيو. پليجي صاحب لطيف جي شاعري جي نرالي ۽ نئين انقلابي تشريح ڪئي.هن چيو ته لطيف پورھيتن ھارين مسڪينن جو عظيم انقلابي شاعر ھو,لطيف جا ھيرا غريب ۽ مسڪين پورھيت مارو ماڻھو آھن.لطيف پنھنجي آفاقي شاعري وسيلي مسلسل جدوجھد ڪرڻ ,پنھنجي وطن ۽ عوام سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو. ھن چيو ته قومي جدوجھد ۾ علم، ادب فن ثقافت هڪ اهم هٿيار آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ اڄ به ظلم بربريت جو راڄ آهي. لطيف سائين ان ظلم بربريت ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف جدوجھد جو سڏ ڏنو آهي. اڄ سنڌ جن مسئلن ۾ گهيريل آهي انھن مان نجات لاءِ لطيف سائين رستو مهيا ڪري ٿو. هن چيو ته ماڙي جلباڻي سانحي ۾ ذميوار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وارثن کي معاوضو ڏيڻ ڪافي ناهي. سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ اشرافيه ملڪ کي لٽي ڦري ۽ تباھ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي مسئلن جو حل صوبن کي اختيار ڏيڻ ۾ آھي. پاڪستان ۾ شامل صوبن جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪارونجھر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ماڳن کي تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي معدنيات وڪڻڻ سنڌ جي شناخت ميسارڻ جي سازش آهي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻين قبضا مافيائن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. انھن قبضا گيرن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ناجائز والار ڪئي آهي. عالمي سامراجي قوتون دنيا کي ٽين عالمي جنگ طرف ڌڪي رھيون آھن. فلسطين مٿان اسرائيلي جارحيت خلاف سامراج مخالف ملڪن ۽ عوام کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کپي. ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي نئين باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ صدر مريم انڙ، جنرل سيڪريٽري ممتاز ڏاهري، نائب صدر شمشاد لغاري، جوائنٽ سيڪريٽري حسنه ڏاهري، پريس سيڪريٽري زينت کوسو، خزانچي شهزادي ماڪوڙاڻي چونڊيا ويا جڏهن ته ميمبرن ۾ هوا کوسو، مهر النسا جسڪاڻي، ڪونحان،الهبچائي ٽالپر، هوا ڀيل، زيب النسا لغاري سغرا ڏاهري شامل.
