سنڌيار جي خبر تي ايس ايس پي دادو جو نوٽيس،تحفظ جي خاطري

ٿرڙي محبت )صدام حسين  چانڊيو) صحافين جي احتجاج جي خبر سنڌيار ۾ شايع ٿيڻ جو  ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر گلزار احمد خشڪ کي جانچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو. جنهن سومر تي نئون ڳوٺ ٿرڙي محبت پريس ڪلب پهچي صحافين سان ملاقات ڪري درگاهه سعدي موساڻي جي مسافر خانن جي آڙ  ۾ هلندڙ فحاشي بابت ڄاڻ ورتي. هن صحافين کي  سماجي برائيون ختم ڪرڻ  ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ن خلاف ڪاروائي جي خاطري ڪرائي. ياد رهي ته مسافر خانن جي با اثر مالڪن صحافين کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون هيون. صحافين جاچ آفيسر کي چيو ته ايس ايڇ او بهرام پنهور کي غلط ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو