ٻڏل ٻيڙي جا 5 وڌيڪ لاش هٿ ڪري سندن تدفين ڪئي وئي

مانجهند(رپورٽ مهراڻ يوسف عمراڻي) انڙپور وٽان سنڌو درياه ۾ 3 ڏينهن اڳ طوفان سبب ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي ويل 5 وڌيڪ لاش ڳولي لڌا ويا آهن جنهن بعد ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽي لاش پهرين ڏينهن وارثن هٿ ڪيا هئا، ٻيڙي ٻڏڻ سبب 8 ڄڻا ٻڏي فوت ٿيا هئا. اڄ لڌل لاشن ۾ مسمات قائمه، سندس 4 ورهين جو پٽ زميندار، مسمات گولائي، مسمات خانزادي ۽ سندس 2 ورهين جو پٽ احمد شامل آھن. جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ ٻارڙو عمران ۽ ٻه ڏينهن اڳ ٻن عورتن مسمات آست ماڇي ۽ مسمات پوپري جا لاش ڪڍيا ويا هئا. ريسڪيو آپريشن ۾ پاڪ نيوي، رينجرس، پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ٽوٻن حصو .ورتو. هٿ آيل لاشن جي اڄ تدفين ڪئي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو