سنجراڻي کي هٽائڻ لاءِ 9 جولاءِ تي تحريڪ پيش ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن جي رهبر ڪاميٽي جي اجلاس نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي تي اتفاق ٿي نه سگهيو، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽائڻ لاءِ  9 جولاءِ تي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 11 جولاءِ تي ٿيندڙ اجلاس کانپوءِ نئين سينيٽ چيئرمين جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو. اهڙو اظهار رهبر ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻن مهينن لاءِ مقرر ڪيل ڪنوينر اڪرم دراني بريفنگ دوران ڪيو. هن ٻڌايو ته هر پارٽي کي واري واري سان ڪنوينر شپ ملندي. پهريون دفعو اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن کان حلف ورتو ويو ته هو اجلاس ۾ ٿيل ڳالهيون ڪنهن کي نه ٻڌائيندا. اجلاس ۾ غير متوقع طور تي ميمبرن جا موبائيل فون ٻاهر رکيا ويا. اڪرم دراني چيو ته رهبر ڪميٽي راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري جي مذمت ڪري ٿي ۽ وزيرستان جي گرفتار ٻن ميمبرز جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ اڪرم دُراني چيو ته اين اي 205 گهوٽڪي تي پ پ اُميدوار جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو