ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسموگ پڻ سيني جي بيمارين ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب آهي.مير خليل الرحمان سوسائٽي ۽ پاڪستان چيسٽ فائونڊيشن پاران سيني جي بيمارين بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو.پروفيسر ڊاڪٽر محمود علي ملڪ، پروفيسر ڊاڪٽر خالد مسعود گوندل ۽ ڊاڪٽر ظهير سيني جي بيمارين جي سببن، علامتن، روڪٿام ۽ علاج بابت آگاهي ڏني.ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته اسموگ ٻين سببن سان گڏ سيني جي بيمارين ۾ واڌ جو به وڏو ڪارڻ آهي، سموگ سبب سيني جي بيمارين ۾ به وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي.ماهرن موجب سموگ سبب گذريل 2 مهينن دوران سيني ۽ سانس جي تڪليف ۾ مبتلا مريضن جو انگ ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي، سموگ انساني صحت سان گڏ وڻن کي به متاثر ڪري رهيو آهي.ماهرن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي به چين ۽ برطانيه وانگر سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.










