سمورن ضلعن ۾ 100 کان وڌيڪ بچت بازاريون لڳايون آهن: راهو

سمورن ضلعن ۾ 100 کان وڌيڪ بچت بازاريون لڳايون آهن: راهو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران مهانگيون شيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪري صوبي ۾ 512 منافعي خورن ۽ ذخيرا اندوزي ڪندڙن تي 22 لک 33 هزار رپيا ڏنڊ ھنيو ويو ۽ ڪراچي سميت صوبي جي سڀني ضلعن ۾ 100 کان وڌيڪ رمضان بچت بازارون لڳايون ويون آھن. اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن تي 10 لک روپيا ڏنڊ ۽ ڪيترن ئي دڪانن کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته سنجھورو ۾ خراب اٽو وڪرو ڪرڻ تي فلور مل سيل ڪئي وئي. ھن چيو ته منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سنڌ حڪومت سخت ايڪشن وٺي پئي ۽ وزيراعليٰ سنڌ پاران سنڌ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ وزيرن، اسپيشل اسپيشل ۽ ايم پي ايز کي نگران مقرر ڪري ڇڏيو آھي, سنڌ صوبي ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن ۾شڪايتي مانيٽرنگ سيل قائم ڪيا ويا آهن, سنڌ حڪومت عوام کي رمضان مهيني ۾ رليف فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو