سمورن حڪومتي سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو.اهڙو اعلان هن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نجڪاري ۽ نجڪاري ڪميشن جي معاملن بابت جائزو اجلاس ۾ ڪيو.اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت ۽ نجڪاري ڪميشن نجڪاري پروگرام 2024-2029 جو روڊ ميپ پيش ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسٽريٽجڪ ادارن کانسواءِ سمورن رياستي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، هن سمورين وفاقي وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي سمورا ضروري قدم کڻن ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون ڪن.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ آهي.هنن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو بچندو، خدمتن جي فراهمي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اوليت ڏني وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري لاءِ بريفنگ ۽ اهم قدمن کي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.هن چيو ته ٻين ادارن جي نجڪاري جو عمل به لائيو نشر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو