سمنڊ ڪناري قديم ماهيگير وسندي بنيادي سهولتن کان محروم

ملير (درياخان شر) بن قاسم ٽائون جي حد ۾ سمنڊ ڪناري قديم ماهيگير وسندي لٽ بستي 19 سالن کان بنيادي سھولتن کان محروم آھي. لٽ بستي ۾ رهندڙ 1 لک کان وڌيڪ ماڻهون علائقي ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ گٽر جي گندي پاڻي سبب سخت پريشان آهن. گٽر اٿلڻ گندو پاڻي گهٽين مان ٿيندو گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. ساڳي صورتحال گندگي جي به آهي جتي گندگي سبب بدبو پکڙيل آهي ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن، رستا ٽتل، پيئڻ جي پاڻِي جي کوٽ ، سرڪاري ڊسپينسريون ۽ اسڪول بند پيا آهن. علائقي جي سماجي اڳواڻن محمد ميران ، محمد عثمان ، علي محمد ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته ضلع ڪائونسل  ڪراچي جي موجوده ڪامورن کي هٽائي ايماندار ۽ فرض شناس ڪامورا مقرر ڪيا وڃن  ته جئين سمنڊ ڪناري ماهيگير وسندي جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو