سمنڊ اندر وڇايل ڪيبلز ۾ فالٽ دور، انٽرنيٽ سروس بحال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تيليڪميونيڪيشن ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته سمنڊ هيٽان ايندڙ انٽرنيٽ جي ڪيبل ۾ خرابي دوري ڪري انٽر نيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته اڱاري تي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي 50 سيڪڙو ٽريفڪ جو لوڊ کڻندڙ ٻه بين الاقوامي ڪيبلز ۾ فالٽ اچڻ سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس سخت متاثر ٿي هئي. پرو پاڪستان جي رپورٽ موجب سمنڊ ۾ وڇايل اهي ڪيبلز ڪم نه پيون ڪن. جن جي بحالي لاءِ ڪم هلي پيو پر اڃا اها خبر ناهي پئجي سگهي ته فالٽ ڪٿي آهي، البته انٽرنيٽ ٽريفڪ جو لوڊ ٻين ڪيبلز تي شفٽ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي به ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو