سليڪٽيڊ ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي؛ اسفنديار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترميمي آرڊيننس خلاف پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن سان گڏ عوامي نيشنل پارٽي به پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن قومي احتساب بيورو ذريعي نيب ترميمي آرڊيننس 2019 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي دستخط کان پوءِ اهو آرڊيننس لاڳو ٿي چڪو آهي. ليڪن ان نيب ترميمي آرڊيننس خلاف اپوزيشن جماعتن هڪ آواز بڻجي چڪي آهي جن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاڻ ۽ پنهنجي دوستن کي بچائڻ لاءِ نيب آرڊيننس جو سهارو ورتو آهي. ان تي عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفنديار ولي به نيب ترميمي آرڊيننس کي رد ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سليڪيٽيڊ وزيراعظم ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي. اسفنديار ولي چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم نيب آرڊيننس ۾ ترميم پشاور بي آر ٽي، مالم جبه اسڪينڊل ۽ هيلي ڪاپٽڙ ڪيس کان بچڻ لاءِ ڪيو آهي. هن وزيراعظم عمران خان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آئين خلاف قانون سازي نه ٿي ڪري سگهجي ليڪن سليڪٽيڊ وزيراعظم ادارن، جمهوريت ۽ آئين کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.  اسفنديار ولي جو چوڻ هو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم دراصل نيب آرڊيننس ۾ پنهنجي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ترميم ڪئي آهي ۽ هنن اهڙو ڪري پارليامينٽ کي بي توقير ۽ غير فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت نيب قانون ۾ ترميم چاهي  ٿي ته ان کي پارليامينٽ ذريعي ڪري ٻي صورت ۾ عوامي نيشنل پارٽي نيب ترميمي آرڊيننس کي رد ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو