لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور قلندرز جي ڊيوڊ ويسا جو چوڻ آهي ته ملتان سلطانز خلاف ڪواليفائر ميچ ۾ بهترين اليون کي ميدان ۾ آندو ويو.لاهور ۾ ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي قلندرز جي ڊيوڊ ويسا چيو ته طاهر بيگ نوجوان رانديگر آهي ۽ هن شروعات ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري.ڊيوڊ ويزا چيو ته اسان جي ٽيم کي بيٽنگ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، اسان ڪواليفائرز ۾ حالتن جو سٺو استعمال نه ڪيو.هن چيو ته هدف جو تعاقب ڪرڻ اسان لاءِ مشڪل ناهي رهيو، اسان کي اڃا به يقين آهي ته پي ايس ايل کٽينداسين.واضح رهي ته پي ايس ايل 8 جي ڪواليفائر ميچ ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز کي 84 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي مسلسل ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.










