سعيد غني کان تعليم واري وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ جو فيصلو

سعيد غني کان تعليم واري وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۾ تعليم کاتي  واري وزير سعيد غني کان کاتي جو قلمدان واپس وٺڻ ۽ ڪابينه ۾ اهم تبديلين جو امڪان آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ تعليم کاتي جي صورتحال بهتر نه هجڻ ۽ خاص ڪري ٽيسٽ پاس ڪندڙ هيڊ ماسترن جي احتجاج ۽ ان جو معاملو زور وٺڻ سبب پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سعيد غني کان تعليم کاتي جو قلمدان واپس وٺي رهي آهي ۽ ان ڳالهه جا ڊگها امڪان آهن ته اهو کاتو سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب يا ڪنهن ٻئي نوجوان وزير جي حوالي ڪيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سان گڏ ڪابينه ۾ به جلد تبديلين جو امڪان آهي. جنهن ۾ ڪجهه نوان وزير شامل ڪري سگهجن ٿا ۽ ڪجهه کان قلمدان واپس وٺي سگهجن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو