سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو پاڪستان جو دورو ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد جو دورو جنهن جو هتي گهڻو چرچو هو، هاڻ هڪ مهيني کان به وڌيڪ عرصي تائين ملتوي ٿي ويو آهي،ان کان اڳ سرڪاري ذريعن انڪشاف ڪيو هو ته سعودي ولي عهد 19 مئي تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو، پر هاڻي خبر پئي آهي ته سندس دورو ان وقت تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، اعليٰ سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته شهزادو محمد بن سلمان حج ۽ عيدالاضحيٰ کان فوري پوءِ پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري هاڻي سندس دورو جون جي ٽئين هفتي ۾ ٿي سگهي ٿو، جنهن جو شيڊول ٻنهي ملڪن طرفان عيد کانپوءِ جاري ڪيو ويندو سلمان ان کان اڳ ٻه ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته جيئن ئي سندس دوري جو شيڊول طئي ٿيندو ته ان کي عوام آڏو آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو