رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ هلندڙ رياض ميلي ۾ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات پهريون ڀيروعورت ريسلرز جو مقابلو ٿيو. آمريڪا جي 29 ساله ريسلر ليسي ايونز جو ڪئناڊا جي 37 ساله نتاليا نيڌرت هڪ ٻئي کي فائٽ جو مزو چکايو. دلچسپ مقابلي بعد ٻه ڀيرا عورتن جي مقابلن ۾ عالمي چيمپئن رهندڙ امريڪي نزاد ڪئناڊا جي نتاليا کٽي ورتو. ٻنهي ريسلرز وڏي انگ ۾ موجود سعودي عورتن سان سيلفييز به ٺاهيون. نتاليا پنهنجي ٽوئٽر تي تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. اڳ ۾ خيال هو ته هو مختصر لباس پائي فائٽ ڪنديون پر کين انتظاميا فل ڊريس پائڻ جو چيو.

اهو پهريون دفعو آهي ته سعودي عرب ۾ عورت ريسلرز جي فائٽ ٿي رهي آهي. مرد ريسلرز جو 2018 ۾ مقابلو ٿيو هو جنهن ۾ عورتن کي به فائٽ ڏسڻ جي اجازت هئي. 11 آڪٽوبر کان شروع ٿيل رياض ميلو ڊسمبر جي وچ تائين هلندو. ميلي ۾ سڄي سعودي عرب مان مرد توڙي عورتون وڏي انگ ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن جن ۾ نوجوانن جو تعداد وڌيڪ آهي.

مقامي اخبار سعودي گزٽ موجب ميلي ۾ شرڪت لاءِ 20 کان 2000 ريال تائين جي ٽڪٽ آهي، عورت ريسلرز سان گڏ مرد ريسلرز جي فائيٽ منعقد ٿيندي. ياد رهي ته ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان اڳ ۾ بنا محرم عورتن کي نوڪري ڪرڻ، ڊرائيونگ، ووٽ ڏيڻ ۽ ڪنهن به قسم جي راند کيڏڻ جي به اجازت ڏئي چڪو آهي. سعودي شهرين کي حيراني ان وقت ٿي جڏهن ڪنهن به عورت کي نامحرم مرد سان گڏ هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. سعودي عرب ۾ 35 سالن بعد سينما پڻ کلي وئي آهي، سعودي عرب ۾ ڪيسينيو يعني جوا خانا، ڊانس ڪلب ۽ شراب خانا به کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. رياض ميلي ۾ 25 آڪٽوبر تي راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم به پرفارم ڪري مداحن کي جهومائي ڇڏيو هو.