سعودي جي صنعتڪارن جو وفد پاڪستان پهچي ويو، وڏي سيڙپڪاري جي اميد

سعودي جي صنعتڪارن جو وفد پاڪستان پهچي ويو، وڏي سيڙپڪاري جي اميد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سعودي عرب مان 50 ڄڻن تي ٻڌل اعليٰ سطحي واپاري وفد پاڪستان پهچي ويو، جنهن ۾ 30 ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اختيارين سعودي عرب جي سيڙپڪارن جي شاندار آجيان ڪئي. واپاري وفد ۾ اهم شخصيتون شامل آهن، جيڪي پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي نون موقعن جو جائزو وٺنديون، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. سعودي واپاري وفد ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 30 ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن، جيڪي ٽيڪنالاجي، توانائي، هوابازي، تعميرات، مائننگ ۽ هيومن ريسورسز جي شعبي ۾ سهڪار سان گڏ ونڊ، سولر توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو