سست انٽرنيٽ جي شڪايتن جي جاچ ڪريون پيا: پي ٽي اي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جو چوڻ آهي ته هو ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سستي جي شڪايتن جي جاچ ڪري رهي آهي.پي ٽي اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي جي مجموعي صورتحال معمول تي آهي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته آچر تي سڄي پاڪستان ۾ فيس بڪ، يوٽيوب، انسٽاگرام ۽ ايڪس جون خدمتون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين متاثر ٿيون، جنهن جي هو جاچ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو