سرڪاري سطح تي اسمگلنگ جي سرپرستي معيشيت جو ٻيڙو غرق ڪيو

حيدرآباد (ن س) سرڪاري سطح تي اسمگلنگ جي سرپرستي ملڪي معيشيت جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ اسمگلنگ ۾ انٽيليجنس ادارن طرفان بااثر سياسي ماڻهن جا نالا ظاهر ڪرڻ باوجود انهن خلاف ڪاروائي ڇو ناهي ٿي؟ کاڌ خوراڪ جون شيون، ملڪ کان ٻاهر وڃڻ مان ملڪ جو ڪمزور ۽ ڪرپٽ سيڪيورٽي نظام وائکو ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اوڀايو جوڻيجو ۽ گهنور خان زئور پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ مان ڪڻڪ، کنڊ، چانور ۽ ٻيون خوراڪ جون شيون اسمگل ڪري کاڌ خوراڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. جڏهن ته افغانستان ۽ ٻين ملڪن مان سنڌ ۾ هٿيار ۽ منشيات وڏي مقدار ۾ آندي وئي آهي. اسمگلنگ جي ڇوٽ ملڪ جي سالميت کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي جن حڪمرانن جا اسمگلنگ جي سرپرستي ۾ نالا آيل آهن، انهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي. انٽيليجنس رپورٽ ۾ جن زميندارن ۽ انهن جي سرپرستن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن، تن زميندارن جا اليڪشن فارم رد ڪري انهن کي تاحيات نااهل ڪري انهن جي اليڪشن ۾ بيهڻ تي پابندي لڳائي وڃي. هنن چيو ته سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباه ڪيو ويو آهي جنهن سبب ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن. هڪڙي پاسي کاڌ خوراڪ جون شيون اسمگل ڪري کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي ته ٻي طرف وري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. ڀاڻ اسمگلنگ سبب بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ڀاڻ جي اسمگلنگ ۾ به واپارين ۽ فيڪٽري مالڪن کي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو