سريلنڪا سيريز کٽي ورتي،پاڪستان 147 تي آل آئوٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا مسلسل 2 ميڇون کٽي ٽن ٽي توئنٽي ميچز جي سيريز کٽي ورتي آهي. لاهور ۾ کيڏيل ٻئي ميڄ ۾ سريلنڪا 183 رنز جو ٽارگٽ ڏنو پاڪستان جي سڄي ٽيم 147 رنز ٺاهي آ.وٽ ٿي وئي. فخر الزمان ۽ بابر اعظم پاڪستاني اننگ جي شروعات ڪئي.  فخر 4 بالن تي 6 رنز ٺاهيون ته راجيٿا کيس بولڊ ڪري ڇڏيو. چوٿين اوور جي پهرين بال تي شاٽ جي چڪر ۾ بابر اعظم 10 بالن تي 3 رنز ٺاهي پرديپ جي بال تي بولڊ ٿي ويو. احمد شهزاد اسپنر ونندو هسارنگا کي ڇڪو هنيو ته ٻئي بال تي هن کيس بولڊ ڪري ڇڏيو، هن 16 بالن تي 13 رنز ٺاهيون. اڳئين بال تي عمر اڪمل وري زيرو تي 11 هون دفعو آئوٽ ٿي ويو. ونندو سنگل رن ڏيڻ بعد سرفراز کي به بولڊ ڪري هڪ اوور ۾ 3 وڪيٽ ورتيون. سرفراز 16 بالن تي 26 رنز ٺاهيون. جنهن بعد عماد وسيم ۽ آصف علي ڊگهي پارٽنر شپ ڪندي ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ 126 جي مجموعي اسڪور تي 47 رنز ٺاهي عماد ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو.وهاب رياض 4 بالن تي 7 رنز ٺاهي پرديپ جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. شاداب به پهرين بال تي آئوٽ ٿيو. آصف علي جي 29 تي آئوٽ ٿيڻ سان پاڪستان جي کٽڻ جي اميد به ختم ٿي وئي. حسنين آخري آئوٽ ٿيڻ وارو رانديگر هو. نوان پرديپ 25 رنز ڏئي 4 وڪيٽ، ونندو 38 تي 3، اڊانا 38 تي 2 وڪيٽ ۽ رجيٿا 11 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.ان کان اڳ سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 16 جي مجموعي اسڪور تي گذريل ميچ جو هيرو  ڌنشڪا گوناٿيلا 15 رنز ٺاهي عماد وسيم جو شڪار بڻيو. جنهن بعد راجپڪسا ۽ فرنينڊو اسڪور 41 تي پهچايو ته غلط فهمي سبب فرنينڊو رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد شيهان جي سوريا آيو ۽ هن راجپڪسا سان گڏ ٽئين وڪيٽ جي شراڪت ۾ 95 رنز ٺاهيون ۽ جي سوريا 34 رنز تي آئوٽ ٿيو. 142 جي مجموعي اسڪور تي ففٽي هڻي راجپڪسا به پويلين موٽيو. هن 6 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 77 رنز ٺاهيون. آخري اوورز ۾ ڪپتان داسن شناڪا جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 15 بالن تي 27 رنز ٺاهيون. هن هڪ ڇڪو ۽ 3 چوڪا هنيا. سريلنڪا 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهيون. وهاب رياض، عماد ۽ شاداب کي هڪ هڪ وڪٽ ملي جڏهن ته عامر ۽ حسنين ترتيبوار 40 ۽ 39 رنز ڏيڻ باوجود به ڪا وڪٽ حاصل نه ڪري سگهيا. عماد وسيم 27، وهاب 31 ۽ شاداب 38 رنز ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو