سرهاڙي ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 عورتون فوت

سرھاڙي (ن س ) سرھاڙي گپچاڻي ڀرسان شھدادپور روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب 2 عورتون ٿڏي تي فوت جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.شھداپور روڊ تي نواز ڏاھري واسين سان روڊ حادثو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٿڏي تي 2 عورتون مسمات حاني ۽ مسمات رحيمان ڀنگوار فوت ٿي ويون جڏھن تـ ھڪ ڄڻو نجف ڀنگوار زخمي ٿي پيو واقعي واري هنڌ تان ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته ايمبولنس نـ ھئڻ سبب لاش ھڪ ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل رھيا ڪجھ ڪلاڪن کان پوء ايمبولينس ذريعي لاش نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا فوت ٿيل ٻنھين عورتن ۽ زخمي جو تعلق نواز ڏاھري جي ڳوٺ سھراب ڀنگوار سان ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو