سرسو پاران غريبن ۾ چوپايو مال ۽ راشن تقسيم

سرسو پاران غريبن ۾ چوپايو مال ۽ راشن تقسيم

ڳڙھي ياسين(شفيق مهر)سرسو پاران مختلف ڳوٺن جي مسڪين ماڻهن ۾ چوپايو مال ۽ راشن تقسيم ڪيو ويو. ڳوٺ خان مارفاڻي ، ڳوٺ عيسو خان مارفاڻي ، ڳوٺ اسماعيل سندراڻي ، محمد پناهه اوڍو ۽ قابالو سميت تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ايس او غلام قادر مهر ۽سرسو مئنجرميڊم فرزانا منور مستحق عورتن حاڪم خاتون ، ڪونجه خاتون . پناهه خاتون رابيا خاتون گلشن خاتون ، عزيزان خاتون سميت 42 کان وڌيڪ عورتن ۾ چوپايو مال وڇيريون ڳنئون تقسيم ڪيون جڏهن ته 6 کان وڌيڪ مستحق خاندانن ۾ 60 هزار روپين جو راشن پڻ تقسيم ڪيو ويو. ان موقعي تي نمائندن چيو ته احساس ڪفالت پروگرام هيٺ مستحقن کي ڳوٺن ۾ پهچي چوپايو مال ڏنو پيو وڃي ته جيئن هو پنهنجو گذر سفر سٺي نموني ڪري سگهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ غربت ۽ بيروزگاري کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان پاران ھي پروگرام شروع ڪيو ويو آھي ته جيئن سنڌ مان بُکَ بدحالي ۽ بيروزگاري جي پاڙ پٽي سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو