سکر (امداد علي ڪلوڙ) سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ھيٺ سرسو حوالي ڪيل گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول نمائش ڪالوني پراڻو سکر ۾ مفت جديد تعليم ڏيڻ لاءِ 700 سئو غريب ٻارڙا پڙهڻ لڳا. يو ايس ايڊ طرفان اسڪول جي بلڊنگ تعمير ڪرائڻ بعد سنڌ حڪومت يو ايس ايڊ ۽ سرسو وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت ڏھ سالن لاءِ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت 2017 ۾ سرسو حوالي ڪيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪول جي هيڊ مس دلشاد پروين ٻڌايو ته اسڪول ۾ ست سئو شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل آھن جن ۾ چار سئو کان وڌيڪ شاگردياڻيون آھن تعليمي ماهر ليڊي ٽيچر کين جديد سائنس سميت ڪمپيوٽر جي سکيا ڏني وڃي ٿي. سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن سرسو جي پراجيڪٽ مينيجر محمد اڪرم شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسڪول ۾ چاليھ لک روپين جي لاڳت سان سولر سسٽم لڳايو آھي هڪ منٽ لاءِ به بجلي بند ناهي ٿيندي مفت معياري جديد تعليم ڏيڻ لاءِ سرسو بهتر قدم کنيو آھي جنهن سان غريب ٻار معياري تعليم پرائي سگهندا جڏهن ته شاگردياڻن جو چوڻ هو ته اسڪول جو ماحول سٺو آھي ٽيچرز پاران کين سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي سکيا ڏني وڃي ٿي.










