سردار عطاءُ الله مينگل فوت، تدفين وڍ، خضدار ۾ ٿيندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جو پهريون وڏو وزير سردار عطاءُ الله مينگل ڳچ عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سندس عمر 92 سال هئي. سردار عطاءُ الله مينگل 1970 جي چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نيپ)جي پليٽ فارم تان حصو ورتو ۽ بلوچستان جو سينيئر سياستدان هو. سندس ترجمان جو چوڻ آهي ته عطاءُ الله مينگل جي تدفين اباڻي علائقي وڍ ضلعي خضدار ۾ ڪئي ويندي. سردار عطاءُ الله مينگل 1929 تي پيدا ٿيو، هن پنهنجو ننڍپڻ لسبيلا ۾ گذاريو جنهن کانپوءِ هو ڪراچي لڏپلاڻ ڪري آيو. عطاءُ الله مينگل کي 25 سالن جي عمر ۾ مينگل قبيلي جو سردرا مقرر ڪيو ويو هو.

Right to Left, Nawaz Akbar Bugti, Sardar Attaullah and Nawaz Khair Bux Marri

سردار عطاءُ مينگل کي مير غوث بخش بزنجو سياست ۾ آندو هو جيڪو نيشنل عوام پارٽي (اين اي پي) جو باني به هو. هُن 1962 ۾ اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي، ان دوران سندس چونڊ مهم غوث بخش بزنجو هلائي هئي.سردار عطاءُ الله مينگل 1970 ۾ بلوچستان اسيمبلي جي پهرين چونڊ ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو.سردار عطاءُ الله مينگل پهرين مئي تي بلوچستان جي پهرين وزيراعليٰ جو حلف کنيو، جڏهن ته سندس حڪومت 1973ع ۾ ختم ڪئي وئي هئي. مرحوم عطاءُ الله مينگل قيد جو عقوبتون به برداشت ڪيون هيون ۽ 1973 کان 1977 تائين جيل ۾ به رهيو.

Sardar Mengal in Jail

ذوالفقار علي ڀٽو سندس حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ هڻي اڪبر بگٽي کي گورنر لڳايو هو. سندس وڏو پٽ اسد الله مينگل ڀٽو حڪومت ۾ اغوا بعد قتل ٿيو ۽ سندس لاش به نه مليو هو، ڀٽو بعد ۾ جيل مان لکيل ڪتاب ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن هو اسدالله مينگل جي قتل تي ٿڌائي نه ڪري ها ته هو به جلدي ڦاهي نه چڙهي ها. شهيد ڀٽو موجب کيس فوج چيو هو ته بيان ڏيو ته مينگل افغانستان فرار ٿي ويو آهي. اسد الله مينگل پهريون لاپته بلوچ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو