سرتاج عزيز جي لاڏاڻي تي شهباز شريف کي ڏک،مغفرت لاءِ دعا

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي صوبائي وزير سرتاج عزيز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته سرتاج عزيز نواز شريف جو ويجهو ۽ ڀروسي جوڳو ساٿي هو، جنهن مالياتي ۽ معاشي محاذ تي بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون.هن چيو ته سرتاج عزيز ملڪي معيشت ۾ نوان رخ متعارف ڪرايا جنهن سان معيشت ۾ استحڪام ۽ عوام کي رليف مليو.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته سرتاج عزيز سڄي زندگي پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ گذاري،شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو