سراج الحق سڀاڻي ٻن ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهچندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق آچر 22 آڪٽوبر تي(1ڄ) ٻن ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهچندو. صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب هوءَ 22 آڪٽوبر تي شام جو سنڌ جي مشهور ديني درسگاه جامعه منصوره هالا ۾ رابط الاخوان سنڌ جي ڪنونشن کي خطاب، 23 آڪٽوبر تي مشهور آبادگار، زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳوڻي صدر مرحوم رئيس عبدالمجيد نظاماڻي جي پوئنرن سان باقر نظاماڻي پهچي تعزيت جڏهن ته هالا، ٽنڊوآدم،حيدرآباد، ٽنڊومحمد خان، ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ مختلف دعوتي، تنظيمي ۽ عوامي اجتماعات کي خطاب ۽ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. صوبائي امير محمد حسين محنتي ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هوندا.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو