سبزي، گوشت، فروٽ مارڪيٽ نه هجڻ خلاف واپارين جو احتجاج

ڄامشورو (ستار جهتيال) مارڪيٽ جدوجهد ڪامٽي جي سڏ تي ڄامشورو شھر ۾ سبزي گوشت مڇي فروٽ مارڪيٽ نه ھجڻ خلاف واپارين ۽ شهرين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن فتاح ڇانڊيو، صلاح الدين پٺاڻ، نظير ڀنڊ، وحيد ٿھيم،  قربان چانڊيو، وقارلاشاري، سماجي اڳواڻ پيرل کوکر، جسقم اڳواڻ سومر جمالي ۽ ٻين چيو ته سڄي شھر اندر سبزي فروٽ، گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ نه ھجڻ سبب ڄامشورو ۽ ويجهڙائي جو عوام ۽ واپاري سخت پريشان آھن. ھنن ڊي سي ڄامشورو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور مارڪيٽ ٺھرائي ڏني وڃي ٻي صورت  ۾ سندن احتجاجي مهم جاري رھندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو