خدمت جي جذبي سان آئي آهيان، ڪم کان روڪيو پيو وڃي

سانگهڙ: (ن س) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شازيه مري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آئون سانگهڙ ۾ خدمت جي جذبي سان آئي آهيان، نفرتن جو خاتمو چاهيون، اسان بنا ڪنهن فرق جي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي.پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته عورتن کي رستي تي آڻي رستا بند ڪرڻ وارا ڊڄڻا هوندا آهن. عورتن کي رستي تي آڻي اسان جو رستو روڪيو ويو. چونڊ وڙهڻ جي لاءِ اميدوارن کي اسان جي پارٽي ۾شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اهڙا طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن.پ پ اڳواڻ چيو ته مون کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، ڪنهن به ماڻهو کي سياسي فيصلا ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهجي. مون کي ڌمڪايو پيو وڃي، مان عورت آهيان پر بزدل ناهيان، مان شهيد بينظير ڀٽو جي پيروڪار آهيان، ڪنهن کان نٿي ڊڄان.شازيه مري اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪندي چيو ته اڄ نگران حڪومت ۽ پوليس ڪجهه عورتن جي احتجاج کي نٿي روڪي سگهي اها چونڊون ڪيئن ڪرائيندي. سانگهڙ پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي. پوليس جيڪڏهن ننڍڙي مظاهري تي ضابطو نٿي آڻي سگهي ته پوءِ چونڊن ۾ ڪيئن صورتحال تي ڪنٽرول ڪندي. مون اهڙي معاملي تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي. مان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريان ٿي ته جيڪڏهن سانگهڙ ۾ شفاف اليڪشن ڪرائڻ چاهين ٿا ته اهڙن ماڻهن کي هٽايو وڃي. هتي اڳ به خونريزي ٿيندي رهي آهي.هن چيو ته جي ڊي اي اميدوار پنهنجن مائٽن کي موڪلي فساد ڪرائڻ چاهي ٿو. مان اهڙي معاملي تي پير پاڳاري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريان ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو