پوليس ڪارروائي، ڪروڙين روپين جي منشيات ۽ خام مال هٿ

ڪنري (ن س) سامارو پوليس پاران ڪروڙين روپين جي منشيات ۽ خام مال هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن دوران 4 ڪارروائيون ڪري ڪروڙين روپين جو گٽڪو، چورو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته 9جوابدارن خلاف سامارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهي، ڪيسن ۾ منصور قائمخاني، پرويز، کوسو، انور کوسو، ڪريم داد ڀٽي، شوڪت ڀٽي نامزد آهن،پوليس موجب لياقت ڀٽي، ارباب ڀٽي، عبدالخالق چاوڙو، ولي محمد ساند به ڪيسن ۾ نامزد آهن، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو