سارين جي فصل تي رتي بيماري جو حملو، آبادگار پريشان

پکو (ن س) سارين جي آڳاٽي جنس جي فصل تي رتي بيماري حملو ڪري ڏنو آھي جنھن سان فصل ڳاڙھو ٿي پن سڪائڻ لڳو آھي. ان حوالي سان ديھ ڀولا ڪلھوڙا ۽ ديھ گھوگھارو جي علائقي ۾ سارين جي آڳاٽي جنس چائنه ھائبرڊ تي رتي بيماري ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳي آھي.  گڏ ڪيل ڄاڻ موجب رتي بيماري ٻوٽي کي پاڙ مان شروع ٿئي ٿي جيڪا پن جي آخر تائين پھچي ٻوٽي کي ڳاڙھو ڪري ختم ڪري ڇڏي ٿي. رتي بيماري سبب ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالي فصل تي ڳاڙھا ۽ پيلا داغ ٺھڻ شروع ٿي ويا آھن. جڏھن ته رتي بيماري تي ڪنٽرول لاءِ  آبادگار مختلف زرعي دوائن جو اسپري پڻ ڪري رھيا آھن پر بيماري تي ڪو به ضابطو نه اچي سگھيو آھي ۽ آبادگار پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. ھوڏانھن زرعي توسيع کاتي قمبر طرفان رتي بيماري تي ڪنٽرول لاءِ ڪي به جوڳا اپاءّ نه کنيا ويا آھن ۽ نه ئي زرعي ٽيمون موڪلي بيماري لڳل فصلن جي چڪاس ڪئي وئي آھي. آبادگارن حاجي عرس مغيري، روشن علي، محمد سليمان ۽ ٻين ٻڌايو ته زراعت کاتو قمبر اگھور ننڍ ستل آھي زرعي توسيع کاتو صرف سيمينار ڪرائڻ ۾ پورو آھي باقي فصلن کي بيمارين جي بچاءَ لاءِ ڪا به ٽيم نه موڪلي آھي. هنن وڌيڪ چيو ته پھريان ئي پاڻي جي کوٽ سبب سخت تڪليفون ڀوڳي سارين جو فصل ڪاھيو آھي تنھن تي به رتي بيماري جو اثر ٿي پيو آھي ھاڻي ته پريشاني ويتر وڌي وئي آهي. آبادگارن زراعت کاتي جي وزير ۽ ضلعي آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته رتي بيماري جي بچاءَ لاءِ علائقي ۾ زرعي ماھرن جي ٽيم موڪلي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو