سارين جي ديري کي باهه، مالڪ کي بيهوشي جا دورا

مبارڪپور(ن س) ڳوٺ جاڙا واهه وٽ صبح سوير مولابخش شر جي 50 ايڪڙن واري سارين جي پيل ديري کي نامعلوم شرپسند ماڻھن باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي ديري جو مالڪ بيهوشي ٿي ڪيري پيو.  ديري جي مالڪ مولا بخش شر جو چوڻ هئو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪونهي الائي ڪير ظالم اسان سان ظلم ڪري ويو آھي سڄي سال جو گذر سفر اسان جو هن فصل تي هئو. هن انتظاميه کان گهر ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ته جنهن اسان سان ظلم ڪيو آھي ان شرپسند ماڻھن کي سخت کان سخت ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو