سائنسدانن 46 هزار سالن کان ڄميل ڪيڙي کي جاڳائي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سائنسدانن انهن ڪيڙي کي جاڳايو آهي جيڪي 46 هزار سالن کان سائبيريا جي برف هيٺان منجهيل آهن.اڄ کان اٽڪل 46 هزار سال اڳ جڏهن وڏا هاٿي جهڙا جانور زمين تي گهمندا هئا، تڏهن سائبيريا جي برفاني زمين ۾ ننڍڙا ڪيڙا ڄمي ويا هئا.جڏهن عالمي درجه حرارت ۾ واڌ سبب هزارين سالن جي ڄميل برف ڳري وئي ته سائنسدانن دفن ٿيل ڪيڙن کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.جڏهن ڪيڙن کي عام پاڻي ۾ رکيو ويو ته اهي آساني سان هوش ۾ اچي ويا، انهن ڪيڙن جي قدرتي زندگي صرف چند ڏينهن هئي.ان تحقيق سان سائنسدانن ثابت ڪيو ته زندگيءَ کي اڻڄاتل مدي تائين روڪي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو