سائفر ڪيس ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ تيار آهن، ن وارا چونڊن کان ڀڃن پيا

سائفر ڪيس ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ تيار آهن، ن وارا چونڊن کان ڀڃن پيا

لاهور: (ويب ڊيسڪ) سينئر وڪيل اعتزاز احسن چيو آهي ته صرف(ن) ليگي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن. سائفر ڪيس سڀني کان وڌيڪ آهي، مون کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ناهي ملي اهي منهنجي طبيعت کان چڱي ريت واقف آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن چيو ته چٽو نظر اچي رهيو آهي ته هي سائفر ڪيس ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ تيار آهن. خط جو اصل مخاطب آرمي چيف هو، هي ڪيس ٻُڙي آهي، هن ۾ سيڪريٽ ڇا آهي.؟اعتزاز احسن چيو ته جيڪي ماڻهو چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن اهي صرف (ن) ليگي اڳواڻ آهن. ميان صاحب هتي اچي ڦاسي ويو آهي، ميان صاحب کي جڏهن هتان کان ٻاهر ڀڄڻو پوندو تڏهن کيس خبر پوندي.سينئر وڪيل چيو ته هاڻ توشه خانه جا به رولز آهن جڏهن ڪوبه تحفو وٺندو آهي ته ان جي قيمت طئي ڪندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کان وٺي اڄ تائين سڀ اهڙيون شيون وٺندا رهيا آهن جنهن جي اجازت به نه آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته مون کي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي دعوت نه ملي آهي اهي منهنجي طبيعت کان چڱي ريت واقف آهن. هن چيو ته عدالت ۾ عام شهري کي اچڻ وڃڻ جي اجازت هجي. ان لاءِ عمران خان جو ٽرائيل به جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هي هڪ ماڻهو کي سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهن، اڊيالا کان جوڊيشل ڪمپليڪس تائين نٿا وٺي وڃي سگهن ته 24 ڪروڙ ماڻهن کي ڪيئن تحفظ ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو