زونگ جو پاڪستان ۾ 5 جي انٽرنيٽ جو ڪامياب تجربو،جلد دستياب ٿيندي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) چائنا موبائل پاڪستان المعروف زونگ پاڪستان ۾ تيز ترين انٽرنيٽ 5 جي ٽيڪنالوجي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. زونگ جي سربراهه چيو ته 5 سال اڳ اسان پاڪستان ۾ 4 جي ٽيڪنالوجي آندي ۽ اڄ 5 جي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن تيڪنالوجي جي مدد سان خحت، زراعت، تعليم، ڪميونيڪيشن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو نئون باب رقم ٿيندو ۽ انقلاب برپا ٿيندو. هن پاڪستان حڪومت جي تعاون سان 5 جي ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. تقريب کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن جي چيئرمين ريٽائرڊ ميجر جنرل عامر عظيم خطاب ڪندي چيو ته چين اسانکي دنيا جي جديد ترين انٽرنيٽ جي سهولت وارن ملڪن جي لسٽ ۾ سامل ڪرائي ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته جلد 5 جي ٽيڪنالوجي پاڪستان ۾ ڪمرشل بنياد تي دستياب هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو