زوب ۾ ڌماڪو، 1 ڄڻو مارجي ويو ۽ 10 زخمي ٿي پيا

زوب ۾ ڌماڪو، 1 ڄڻو مارجي ويو ۽ 10 زخمي ٿي پيا

زوب )ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.پوليس موجب، حادثو ژوب جي علائقي سبڪزئي ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا.ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو اندازو لڳايو پيو وڃي جنهن لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو