بااثر شخص زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ڪولهي براداري

بدين(ن س ) گينو ڪولهي زخمي تلهار ٿاڻي جي ايس ايڇ او هڪ نہ ٻڌي تفصيل موجب تلھار تعلقي جي ديھ ڍيڍ ڪي جي ڳوٺاڻن نيشنل پريس ڪلب بدين ۾ تلهار ٿاڻي جي حد ڍيڍڪي جي گينا ڪولهي ، جيتا ڪولهي ، لال ملوڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي ذاتي سروي زمين تي تر جا با اثر وڏيرا منير چانگ دنو چانگ هٿيارن جي زور تي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي ھنن اسان تي حملو ڪري ڏنو ۽ ڪولهي برادري جون عورتون گينو ۽ جيتا ڪولهي کي ۽ لال ملوڪ زخمي ٿي پيا جن کي ۽ اسان زخمي حالت ۾ تلهار ٿاڻي تي پهتا تہ ايس ايڇ او اسان کان فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کانپوء اسان ايس ايس پي بدين آفيس ۾ ويٺل ڊي ايس پي وٽ پهتا سين جنهن به اسان جي ھڪ به نه ٻڌي گينو ڪولهي ٻڌايو تہ پوء اسان بدين سيشن جج وٽ حاضر ٿي فرياد داخل ڪرائي آهي ھنن ٻڌايو ته ھن زمين جي مالڪي جو ڪيس سول ڪورٽ بدين ۾ اڳ ۾ هلندڙ آهي پر هي ٻيو ڀيرو اسان تي حملو ڪيو ويو آهي اسان ڊي آئي جي حيدرآباد کي اپيل ٿا ڪريون ت اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو