سيوهڻ (رميز علي سولنگي) سيدن ۽ سولنگين جي ڌرين ۾ زمين تان جهيڙي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. زخمين جي وارث عورتن احتجاج ڪندي الزام هنيو ته پيپلزپارٽي جي ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه جي مائٽ سيد شهنشاهه پنهنجا ماڻهو وٺي اچي اسان تي حملو ڪري ، زمين تي قبضو ڪيو آهي.
هنن چيو ته اسين ڄامشوري ضلع جي مانجهند تعلقي ۾ ويٺا آهيون ۽ ابن ڏاڏن کان زمين جا کاتا موجود آهن. سيد نوابشاهه جا آهن ۽ اسانجي زمين تي زوري قبضو ڪيو آهي. هنن ٻڌايو ته اسانجا 3 ڄڻا زخمي آهن جيڪي اسپتال ۾ آهن. جڏهن ته منٺار سولنگي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کيس نوابشاهه جيل ۾ قيد ڪرايو ويو آهي. هنن دعويٰ ڪئي ته سيد شهنشاهه اڳ ۾ اسانجي گهرن کي باهه به ڏياري هئي پر هو با اثر آهن ۽ پوليس سندن خلاف ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري. هنن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪندي چيو ته حملو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائي کين تحفظ ڏنو وڃي.










