زميني تڪرار تان جهيڙو 5 ڄڻا زخمي، ٻن جي حالت خراب

مريد شاخ (رياض احمد ميراڻي) کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ چنيسر ميربحر ۾ زميني تڪرار تان ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ اصغرعلي، گل حسن، فراز ۽ فيض احمد ميراڻي شامل آھن. جهيڙي جي اين سي کنڀڙا ٿاڻي تي داخل ٿيڻ کانپوءِ زخمين کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو ويو آھي. فراز احمد ميراڻي ۽ فيض احمد ميراڻي کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو ۾ داخل ڪيو ويو آھي جڏھن تہ گل حسن ميراڻي ۽ اصغر ميراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يارخان اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي. زخمي نوجوانن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو تہ اڳ ۾ تڪراري زمين جو فيصلو بہ ٿي چڪو آھي ۽ اڄ ساڳي زمين تي ٻيھر جھيڙو ٿي پيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو