زميندار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هاءِ وي تي ڌرڻو

محرابپور(محمد اسلم نانگور) خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان زميندار روشن ضمير ڪونڌر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪونڌر برادري جي سوين ماڻهن بائي پاس هالاڻي وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي پاسن سان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عبدالرئوف ڪونڌر ، غلام مصطفي ڪونڌر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تہ سندن نوجوان کي ڦرڙا برادري جي هٿياربندن بيدردي سان قتل ڪري ناحق ڪيو آهي هنن گهر ڪئي تہ قاتلن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي نہ تہ احتجاجي ڌرڻو مسلسل جاري رکبو.ٻئي پاسي ڊي ايس پي ڪنديارو عبدالحميد پنھور ڊي ايس پي شريف عباسي محرابپور.ايس ايچ او اختر علي ابڙو ايس ايڇ او محرابپور رحم حسين واسواڻو ڪونڌر برادري جي ماڻھن سان ڳالھيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مڪمل يقين ڏياريو جنهن بعد لاش پوسٽ مارٽم لاء نيو ويو بعد ۾ نيشنل ھاءِ وي کولرائي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو