زرعي فارمنگ جي آڙ ۾ زمينون ڏيڻ سنڌ جي وجود مٿان وار قرار

ٺٽو (ن س) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٺٽي پريس ڪلب ۾ “سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاعرن، وڪيلن، ليکڪن، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين ايم ايس گرين ڪارپوريٽ ڪمپني کي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن سنڌ جي وجود مٿان وار قرار. سنڌ جي سياحتي ماڳن کي نيلام ڪرڻ جي مذمت. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنسا پليجو، نامياري اديب جامي چانڊيو، سينيئر صحافي دستگير ڀٽي، روزاني ڪوشش اخبار جي ايڊيٽر نعمت کهڙو، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، ڪالم نگار اسماعيل ميمڻ، اقبال جاکرو، سماجي اڳواڻ شفيع مرگهر، امير بخش جت، عبدالرشيد ميمڻ، عبدالغني عباسي، الهه جڙيو برفت، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نورنبي پليجو، گنهور خان زئور، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڄام تماچي، علي محمد ڪلمتي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سلميٰ لاشاري، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، زاهده لاشاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مسعود انور پليجو، سماجي اڳواڻ جمشيد جوکيو، ابراهيم هيجپ، حسين آزاد، انور پالاري، صادق لاکو، گسٽا اڳواڻ غلام نبي خشڪ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي سنڌ سميت مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن جي سھولتڪار آھي. پي ڊي ايم سرڪار ۽ پيپلز پارٽي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي زمينن جو سودو ڪيو آهي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ طاقت جي زور تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. جوائنٽ وينچر فارمنگ منصوبن لاءِ ايم ايس گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني کي 52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڏيڻ واري سنڌ جي نگران سرڪار جي فيصلي کي سنڌ جو عوام رد ٿو ڪري. هن چيو ته ڪينجهر، هاليجي ۽ هاڪس بي ريزارٽ ۽ رني ڪوٽ گيسٽ هائوس کي نيلام ڪرڻ جو نگران سرڪار جو فيصلو عوام دشمن آهي. ترقي جي آڙ ۾ وسيلن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته موسمي تبديلي کي روڪڻ لاءِ تمر جي ٻيلن جي پوکائي لاءِ سنڌ جي ساحلي پٽي جي سرڪاري زمين غير قانوني طور تي بلڊرز مافيا کي الاٽ ڪري سنڌ کي ڀيانڪ تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ تمر جي ٻيلن تي قبضو ماحولياتي بگاڙ کي جنم ڏيندو. سنڌ موسمي تبديلي سبب سال 2022 واري ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي. تمر جي ٻيلن تي قبضي وارو عمل وڌيڪ خطرناڪ صورتحال کي جنم ڏيندو. تمر جي ٻيلن تي قبضو ڪندڙ قبضا مافيائن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري زمين واپس ورتي وڃي. سنڌ جي زمينن تي سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جو حق تسليم ڪيو وڃي ۽ سرڪاري زمينون سنڌ جي مقامي بي زمين هارين ۽ هارياڻين کي ڏئي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا نگران سرڪار کي قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي جو ڪو به قانوني اختيار ڪونهي. گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪپمني نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني آهي. هن چيو ته ملڪ جي 90 لک ايڪڙ زمين ۽ سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين زرعي انقلاب جي نالي تي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت غيرملڪي سرمائيدارن ۽ فوج سان لاڳاپيل ڪمپنين کي ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ وفاق جي نگران حڪومت جنھن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري فقط چونڊون ڪرائڻ آھي، سا سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ سياحتي ماڳن تي تي قبضا ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنسا پليجو چيو ته پاڪستان ۾ شامل تاريخي خودمختيار ۽ آزاد قومن کي غلام بنايو پيو وڃي. موجوده نگران سرڪار توڙي ڪنھن به نام نهاد چونڊيل يا نگران سرڪار کي سنڌين، پنجابين، بلوچن، سرائيڪين، گلگتين ۽ پشتونن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. نامياري اديب جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جي زمينن، قدرتي ۽ معاشي ۽ ماحولياتي وسيلن کي بچائڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي هي جدوجهد شاندار ۽ اتساهيندڙ آهي. ان ڏس ۾ سنڌ سميت وڏي ۾ وڏو خطرو ٺٽي ضلعي کي آهي. جنهن جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ٻاهرين ڪمپنين کي ڏيڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي. سنڌ جو عوام حڪمران طبقي جي سياسي پارٽين بجاءِ پاڻ تي ۽ عوامي تحريڪ جهڙن عوام دوست پارٽين سان گڏجي جدوجهد ڪري ئي بچائي سگهن ٿا. نعمت کهڙو چيو ته حڪمران سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جون زمينون آباد ڪري رهيا آهن. فيسليٽيشن ڪائونسل تحت زرعي انقلاب جي نالي ۾ ٺٽي ۽ ڄامشورو جي لکين ايڪڙ زمين قبضو ٿي چڪي آهي. وطن فروش ماڻهو سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ جبل نيلام ڪري رهيا آهن. سنڌ وطن تي والار جاري آهي. وطن فروش بيوروڪريسي ۽ حڪمران سنڌ کي نيلام ڪري رهيا آهن. هن چيو ته موسمي تبديلي اهم مسئلو آهي حڪمران تمر جا ٻيلا ۽ وڻ وڍي ماحول کي وڌيڪ تباهي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. دستگير ڀٽي چيو ته سنڌ خلاف اعلان جنگ ڪيو ويو آهي. زرداري ڪرسي خاطر سنڌ کپائي ڇڏي آهي. عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري چيو ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضن جي جاچ لاءِ اعلي سطحي جاچ ڪميشن جوڙي وڃي. قبضاگيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ريزارٽ ۽ رني ڪوٽ جي گيسٽ هائوسز کي نيلام ڪرڻ وارو فيصلو حڪومت جي نااهلي ظاهر ڪري ٿو. عبدالرشيد ميمڻ چيو ته سنڌ ڌرتي تي نئون اسرائيل جوڙيو پيو وڃي. سنڌين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي نگران حڪومت کي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي. عبدالغني عباسي چيو ته اسان کي ڌرتي جو تحفظ ڪرڻو پوندو. اسماعيل ميمڻ چيو ته سموري سنڌ جيان ٺٽي ضلعي جي زمينن تي والار جاري آهي. 54 هزار 17 ايڪڙ زمين ونڊ پاور حوالي ڪئي وئي آهي. 22 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين توانائي جو متبادل کاتي حوالي ڪئي وئي آهي. حڪمرانن وٽ ڪوهستان جي ڀلائي لاءِ ڪو به پروگرام ناهي. الهه جڙيو برفت چيو ته ڪينجهر جي خوبصورتي کي تباه ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڪينجهر جي 52 هزار زمين نيلام ڪئي وئي آهي. ڪي فور جي منصوبي وسيلي ڪينجهر جو پاڻي ڪڍي مقامي ماڻهن کي پاڻي کوٽ جي ور چاڙهيو پيو وڃي. شفيع مرگهر چيو ته ترقي جي نالي ۾ سنڌ مٿا حملا ٿي رهيا آهن. جمشيد جوکيو چيو ته سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي. اقبال جاکرو چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ معدنيات تي قبضا جاري آهن. ڪوهستان ۾ هر هنڌ قبضا ڪيا ويا آهن. هڪ سازش سان سامونڊي پٽي تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڪينجهر کي نيلام ڪيو ويو آهي. ڪي فور منصوبي وسيلي ٺتي جي عوام کي پاڻي جي کوٽ جي ور چاڙهيو ويو آهي. صادق لاکو چيو ته جيئن آدمشماري خلاف ڀرپور هلائي وئي تيئن هن مسئلي تي به ڀرپور جدوجهد هلڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ جي گادي واري شهري ڪراچي ۽ لطيف جي نگري ڀٽ شاه ۾ به هن قسم جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. خدا ڏنو شاه چيو ته دفاعي مقصدن لاءِ الاٽ ڪيل زمينن تي هائوس اسڪيمون ٺاهيون ويون آهن. ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي به زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. زمينن تي قبضن جو سلسلو وڏي عرصي کان ٿيندو پيو وڃي…عوامي تحريڪ طرفان 17 ڊسمبر 2023ع تي “سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو” جي عنوان سان ٺٽو پريس ڪلب ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ شامل سنڌ جا اديب، دانشور، سياسي سماجي اڳواڻ، ليکڪ، وڪيل، صحافي، سول سوسائٽي جا نمائنده، شاعر، ھاري، آبادگار، مزدور، شاگرد ۽ سنڌ جا گھڻگھرا متفق طور تي هيٺ ڏنل قراردادن کي منظور ڪيون ٿا. هن ملڪ تي قابض حڪمران ٽولي انهن جي ڀائيوار سول توڙي ملٽري ڪامورا شاهي پاڪستان جي قيام شرط ئي هن ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ۽ 1940ع جي لاهور قرارداد جنهن تحت پاڪستان جو بنياد پيو کي پاسيرو ڪري ملڪ جي خالق مظلوم قومن جي وسيلن، زمينن، شهرن، روزگار، نوڪرين، پاڻي ۽ حق حڪمراني تي طاقت جي زور تي قبضو ڄمائي پاڪستان کي ننڍين قومن جو قيد خانو بڻائي ڇڏيو. حڪمرانن قائد اعظم جي سيڪيولر ۽ روشن خيال اصولن ۽ 1940 جي قرارداد تي عمل ڪرڻ بدران ڪڏهن ڪوڙي جمهوريت ۽ ڪڏهن وري سڌي ريت مارشل لائن وسيلي اقتدار تي قبضو ڪري قومن جي زمينن ۽ وسلين ۽ جي ڦرلٽ ڪئي آهي. پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي زمينن ۽ وسيلن تي بي رحم قبضا ڪيا ويا. ون يونٽ مڙهي سنڌ جي شناخت ميساري وئي. ون يونٽ دور ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا ويا، ان کان پوءِ مسلسل نام نهاد جمهوري دورن ۽ مارشل لا حڪومتن ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي. سال 2023 آگسٽ مهيني ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت ويندي ويندي غير جمھوري طاقتن سان ملي ڀڳت وسيلي بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس 2001 ترميمي ايڪٽ پاس ڪري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل نالي ادارو جوڙي ننڍن صوبن جي معدنيات، زمينن ۽ وسيلن تي زرعي انقلاب ۽ معاشي ترقي جي آڙ ۾ قبضن جو لائسنس جاري ڪري ڇڏيو. ان ڪائونسل تحت هن وقت فوج سان لاڳاپيل ايم ايس گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو لمٽيڊ جو رات پيٽ ۾ قيام آندو ويو، سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ان ڪمپني حوالي ڪئي آهي. 16 ڊسمبر 2023 تي سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ريزارٽ ۽ رني ڪوٽ جو گيسٽ هائوس مختلف ڪمپنين کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ وفاق جي نگران حڪومت جنھن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري فقط ۽ فقط چونڊون ڪرائڻ آھي. نه موجوده نگران سرڪار ۽ نه ئي وري ڪنھن به چونڊيل حڪومت کي ڪو اخلاقي ۽ قانوني حق آھي ته اصلوڪن ۽ قديمي رھواسين سنڌين، بلوچن ۽ سرائڪين جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪري يا ٻي ڪنھن جي حوالي ڪري تنهن ڪري نگران سرڪار طرفان الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ فورن رد ڪئي وڃي. ڪينجهر ڍنڍ جي مختلف منصوبن جي نالي ۾ ساڍا 6 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڪويتي ڪمپني حوالي ڪئي ويندي. سامونڊ پٽي جي هزارين ايڪڙ زمين عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪري رڪارڊ گم ڪيو ويو آهي. دارسي، ٻيٽ ميهار ۽ پير ڪجريو جي 25 هزار ايڪڙ زمين جا جعلي کاتا بنائي دبئي ۽ ٻين ملڪن جي ڪمپنين کي وڪرو ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ سال 2013 کان 2018 تائين جعلي کاتا ٺاهي اهي زمنيون عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪيون ويون. 2010ع ۾ کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي 690000 ايڪڙ زمين جا کاتا گم ڪري سرڪاري ڪامورن وسيلي جعلي کاتا ٺاهي عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪري مقامي رهواسين کي بي دخل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪوهستان تپو جهمپير ديھ ڪوهستان 7/1 ضلعو ۽ تعلقو ٺٽو جي 40000 هزار ايڪڙ ايئر بيس کي ڏني وئي آهي. نيوي فورس کي 5000 ايڪڙ، ونڊ پاور کي 52000 هزار ايڪڙ، دبئي جي عرب شهزادي ناصر بن لوطه کي 5000 هزار ايڪڙ، ايم نائن موٽروي جي ٻنهي پاسن کان مختلف رهائشي اسڪيمن کي لڳ ڀڳ 20000 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي جڏهن ته ٺٽي جي 5000 ايڪڙ زمين جعلسازي ڪري ڄامشورو ضلعي ۾ ڄاڻائي انڊسٽريل ايريا ۾ ضم ڪري سرمائيدارن کي وڪرو ڪئي وئي آهي. ديھ ڪوهستان 7/4 جنگشاهي جي 3000 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏني ويئي آهي. ڪيٽي بندر جي يونين ڪائونسل ٻيٽ مھيار پراڻي کارو ڇاڻ جي ديھ دارسي جي 3760 ايڪڙ، ديھ ٺاري واري جي 2010 ايڪڙ، ديھ ٻيٽ مھيار جي 3368 ايڪڙ زمين مقامي ڀوتارن جي نالي ڪمپيوٽرائزد کاتا ڪري عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪئي وئي آهي. گهوڙا ٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 11 هزار ايڪڙ، سجاول جي جاتي ۽ شاه بندر تعلقن جي 3408 ايڪڙ زمين زرعي انقلاب جي آڙ ۾ قبضو ڪئي ويندي. اڄوڪي ھن ڪانفرنس ۾ شامل سياسي، سماجي نمائنده ۽ سنڌ جا گھڻگھرا گڏيل طور مطالبو ٿا ڪن ته: زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضن جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي. سنڌ جي ساحلي پٽي، ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ڪراچي جي زمينن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين، رهائشي اسڪيمن ۽ ٻين قبضاگيرن حوالي ڪرڻ جو ڪڌو ڪاروبار بند ڪيو وڃي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) تحت فوج سان لاڳاپيل گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني کي سنڌ جي 52 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جيڪا زرعي فارمنگ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڏني وئي آھي. اهو فيصلو سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جو فيصلو آهي، اھو غير قانوني، غير آئيني، سنڌ دشمن، ملڪ دشمن فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. سنڌ جي نگران سرڪار طرفان ترقي ۽ جديديت جي نالي ۾ سنڌ جي سياحتي ماڳن ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي. ڪراچي جي اڍائي لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني حوالي ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي. هي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته اهو ملڪ دشمن سلسلو بند ڪيو وڃي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمين عالمي ڪمپنين ۽ فوجي ادارن کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين ھارين کي ڏني وڃي ۽ زرعي سڌارا ڪيا وڃن. زرعي انقلاب جي نعري ۾ سنڌين سميت بلوچن، سرائڪين، پختونن، ڪشميرين ۽ گلگتين جي زمينن، وسيلن، پاڻي، جبلن ۽ ڪچي تي قبضن جا سلسلا بند ڪيا وڃن. ھي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين غير جانبدار ججن جي اعلى عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. ان ڪميشن جي سفارشن تي سنڌ جي زمينن تي قبضن ۾ ملوث قبضاگيرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ملڪ کي ڦري، لٽي معاشي طور ڏيوالو ڪڍي آمريڪي سامراج وٽ مڪمل گروي رکڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن. ھي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال جوڙڻ بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ھي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقار آباد ۽ ٻين رھائشي اسيڪمن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضا بند ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ طرفان 4 مئي 2018 واري ڪيل فيصلي تي عمل ڪري بحريا ٽائون جي زمين اصلوڪن رھواسين کي واپس ڪئي وڃي ۽ هن فراڊ ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن. ڪينجھر کي عالمي ورثو قرارا ڏئي ان جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي. ڪينجھر، ڪارونجهر، ھاليجي ڍنڍ، کيرٿر نيشنل پارڪ، گورک ھل ۽ گنجي ٽڪر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي، ثقافتي ماڳن ۽ جبلن تي قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن. موسمي تبديلي کي روڪڻ لاءِ تمر جي ٻيلن جي پوکائي لاءِ مختص ڪيل سنڌ جي ساحلي پٽي جي سرڪاري زمين غير قانوني طور تي بلڊرز مافيا کي الاٽ ڪري سنڌ کي ڀيانڪ تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ تمر جي ٻيلن جي زمينن تي قبضو ماحولياتي بگاڙ کي جنم ڏيندو. سنڌ موسمي تبديلي سبب سال 2022 واري ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي. تمر جي ٻيلن تي قبضي وارو عمل وڌيڪ خطرناڪ صورتحال کي جنم ڏيندو. تمر جي ٻيلن تي قبضو ڪندڙ قبضا مافيائن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري زمين واپس ورتي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو