زرعي زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو)ڳوٺ الهداد عارباڻي جي رهواسين  سونهارو خان عارباڻي، سوڀارو، حاجي الف، حاجي محمد هاشم، حاجي الهڏنو غلام اڪبر، ثناء الله، غلام حيدر عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ديهه وڏ پڳيه ۾ واقع 32  ايڪڙ  زرعي زمين احمد حسين نالي شخص کان 60 سال اڳ خريد ڪئي هئي ۽ زمين جو کاتو به اسان جي نالي تي آهي پر هاڻ بااثر ماڻهو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن دانهيو ته ٻه ڏينهن اڳ عبدالحنان، راشد منهاس، مزمل حسين، اسد ۽ صداقت نالي همراهه گهوٽڪي جي بي سيڪشن پوليس کي ساڻ ڪري اسان جي زمين تي پهچي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ڄاڻايل بااثر ماڻهن سان خانگي هٿياربند به گڏ هيا جيڪي اسان کي زمين تان بيدخل نه ٿيڻ جي صورت ۾ حراسان ڪري ڌمڪيون ڏيندا رهيا هنن دانهيو ته پوليس ۽ خانگي ماڻهو زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪرڻ جي آڙ ۾ رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا جڏهن ته بااثر ماڻهو اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڳوٺاڻن وس وارن کي اپيل ڪئي ته  زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ڳوٺاڻن احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالت ۾ وڃڻ جو چتاء به ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو