زرداري شڪاري آهي ۽ کلاڙي جو شڪار ڪندو، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري چيو آهي ته آصف علي زرداري ضمانت تي آزاد ٿي رهيو آهي ۽ هو علاج ڪرائيندو. هن چيو ته زرداري شڪاري آهي ۽ هو کلاڙي جو شڪار ڪندو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان سندس والد جي ضمانت ٿيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نااهل حڪمرانن سياست معيشت تباهه ڪري ڇڏي آهي هاڻي عوامي حڪومت ايندي. هن چيو ته نا اهل حڪومت جو اقتدار ۾ هي آخري سال آهي، مان اهو ڪنهن جي اشاري تي نٿو چوان پر عوام جي اها مرضي آهي. هن ججن جو شڪريو ادا ڪيو ته ڱين انصاف مليو آهي.

هوڏانهن پارليمان ۾ ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا، راجو پرويز اشرف ۽ ٻين مٺائي ورهائي زرداري جي ضمانت جي منظوري تي خوشي جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو